زراعت ۽ ڪاروبارعالمي

اگهن ۾ واڌ سان غذائي کوٽ ۽ سماجي بي چيني وڌي رهي آهي: آءِ ايم ايف

واشنگٽن: عالمي سطح تي خوراڪ ۽ تيل جي تيزي سان وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي حڪومتن لاءِ ضروري آهي ته هو فوري نتيجا ڏيندڙ مالياتي پاليسيون اختيار ڪن. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ خوراڪ ۽ تيل جي قيمتن ۾ تيز رفتار اضافي جي نتيجي ۾ غذائي کوٽ ۽ سماجي بي چيني وڌي رهي آهي. گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ مارچ 2022 دوران سڄي دنيا ۾ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ 33.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ خوراڪ ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي چيو آهي ته 2020 ۾ ڪرونا جي عالمي وبا سبب سڄي دنيا ۾ موجود غير يقيني صورتحال سبب خوراڪ ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهڙي طرح بين الاقوامي معيشت کي درپيش ٻين مختلف چئلينجز سبب حڪومتن کي وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. آءِ ايم ايف عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته عام ماڻهو جي تحفظ لاءِ حڪومتن کي گهرجي ته غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ سماجي عدم تحفظ جي خاتمي لاءِ قدم کڻن ته جيئن خوراڪ ۽ تيل جي قمتن ۾ اصافي سان پيدا ٿيل مسئلن کان عام ماڻهو کي محفوظ رکي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button