پاڪستان

پابندين جو حل ڪڍيو وڃي ته روس ۽ پاڪستان ۾ معاشي سهڪار وڌي سگهي ٿو: روسي قونصل جنرل

ڪراچي: ڪراچي ۾ مقرر روسي قونصل جنرل آندري وڪٽرووچ فيڊروف چيو آهي ته اولهه جي غير قانوني پابندين جو حل ڪڍيو وڃي ته روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي سهڪار وڌي سگهي ٿو. وڪٽرووچ فيڊروف هڪ انٽرويو ۾ چيو ته تيل، گئس، توانائي ۽ زراعت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته “روس ۽ يوڪرين جي تڪرار جي حل ۾ اولهه جا ملڪ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن، جڏهن به پرامن ڳالهين جو عمل شروع ٿيڻ لڳي ٿو، روڪيو وڃي ٿو ۽ ان جو تعلق واشنگٽن سان هوندو آهي.” وڪٽرووچ فيڊروف جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کان فائدو کڻي سگهن ٿا، اولهه جي “غير قانوني” پابندين سبب پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ واپار جو عمل متاثر آهي. ٻنهي ملڪن کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ ان جو حل ڳولڻو پوندو. هن چيو ته “روس تيل، گئس ۽ توانائي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪستان لا مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته پاڪستان زراعت، ميڊيڪل ۽ سرجيڪل سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ روس کي مدد فراهم ڪري سگهي ٿو.” هن چيو ته “اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي روس واري دوري دوران به واپار سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي پر تيل جي خريداري معاهدي جي تفصيلن يا پاڪستاني وزيرن جي روس سان واپاري رابطي جي تفصيلن بابت هن کي ڄاڻ ناهي پر اهي معاملا غور هيٺ ضرور رهيا آهن.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button