پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڊالر ۽ سون جو اگهه گهٽجي ويو، پيٽرول تي 10 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو

ڪراچي: ٻن مهينن بعد انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ رڪارڊ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته سون به سستو ٿي ويو آهي، انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رُپيو مستحڪم ٿيڻ لڳو آهي ۽ ڪاروبار دوران ڊالر پنج رُپين کان وڌيڪ سستو ٿي ويو آهي. ڪاروبار دوران انٽر بئنڪ ۾ ملهه ڪرڻ بعد ڊالر 206 رپيا 50 پئسن جو ٿي ويو، ڪالهه ڊالر 211 رُپيا 93 پئسن تي بند ٿيو هو. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي ملهه ۾ 4 رپيا گهٽتائي آئي آهي، هڪ آمريڪي ڊالر 209 رپين تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي. ٻن ڏينهن دوران اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ ساڍا ڇهه رُپيا گهٽتائي ٿي آهي. هوڏانهن ملڪ ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي آهي. سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 4600 رپين جي وڏي لاٿ ٿي آهي. 4600 رپين جي لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 40 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي. ٻئي طرف فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) پيٽرول تي 10 سيڪڙو جي شرح سان ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ايف بي آر طرفان جاري نوٽيفڪيشن مطابق ريگوليٽري ڊيوٽي 30 جون 2022ع کان لاڳو ٿيندي، ريگوليٽري ڊيوٽي انهن ڪارگوز تي لاڳو نه ٿيندي جن جي ايل سي کلي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button