سنڌ

تڪبنديون قانون موجب ٿيون،چونڊن لاءِ تيار آهيون:اليڪشن ڪميشن

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت سياسي پارٽين جي درخواستن تي شنوائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن بابت سياسي پارٽين جي درخواستن جي شنوائي ٿي، شنوائي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ لاڳاپيل اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ به شنوائي دوران شريڪ ٿيا، ان دوران اليڪشن ڪميشن پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. اليڪشن ڪميشن جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته بلدياتي چونڊن بابت سموري اسٽيشنري تيار آهي، بيلٽ پيپر ڇپجي چڪا آهن، پهرين مرحلي جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي جي سامان جي ترسيل به شروع ٿي وئي آهي، ٻئي مرحلي جا نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي رهيا آهن، سموريون سياسي پارٽيون اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيون آهن. اليڪشن ڪميشن موجب سمورين تڪبندين جي ڪميٽين جا سربراهه ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر هئا، سموريون تڪبنديون قانون مطابق ٿيون آهن، ڊي لميٽيشن اٿارٽي جوڙي وئي آهي، جنهن سموريون شڪايتون ٻڌي فيصلو ڪيو. عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي ته 120 ڏينهن ۾ بلدياتي چونڊ ڪرائي وڃي، سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جو مدو آگسٽ 2020ع ۾ ختم ٿي چڪو آهي، سنڌ حڪومت سان مارچ ۾ گڏجاڻي ٿي هئي، سنڌ حڪومت سان مشاورت بعد بلدياتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن چيو ته چونڊ ملتوي ڪري واري درخواست ناقابل شنوائي آهي، عدالت کي اپيل آهي ته درخواست رد ڪئي وڃي. عدالت شنوائي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button