سنڌ

سنڌ ۾ مڪاني چونڊ ملتوي ناهي ٿي، تياري جاري رکو: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مڪاني چونڊون ملتوي ناهن ٿيون، مخالف افواهون پکيڙي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي 80 سيڪڙو علائقن ۾ اميدوار ئي ناهن مليا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام کي گمراه ڪرڻ لاءِ افواهون پکيڙيون پيون وڃن، ان تي ڌيان نه ڏنو، مڪاني چونڊن جي تياريون جاري رکيون وڃن، جيستائين عدالت پاران ان ڏس ۾ حڪم نٿا اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان گذريل ڏينهن وري ادارن ۽ انھن جي سربراھن کي نشانو بڻايو آھي ۽ خاص طور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي رياستي ادارن جي خلاف عمران خان جي سربراهي ۾ ڪڌي سازش هلي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان سڀ کان وڏو آمرانه مائنڊ سيٽ رکندڙ شخص آهي، هر ڪنهن سان وڙهي ڪري ملڪ ۾ انارڪي پکيڙڻ چاهي ٿو. عمران خان جيڪڏهن ايترو سچو آهي ته ڪلمو پڙهي قوم کي سچ ٻڌائي ته گذريل عام چونڊن ۾ ڪهڙي طرح آر ٽي ايس ويهي رهيو ھو. صوبائي وزير چيو ته عوام جو مينڊيٽ چوري ڪري عمران خان کي مصنوعي طريقي سان وزيراعظم بڻايو ويو ۽ ساڍن ٽن سالن تائين آرڊيننس ذريعي ھن جي حڪومت هلي. عمران خان جي قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت ئي نه هئي، جنهن سبب آرڊيننس جو سهارو ورتو ويو، آئين ۽ قانون سان مذاق ڪيو ويو. عمران خان ۽ ان جي حوارين ساڍن ٽن سالن تائين جيترا به غيرآئيني قدم کنيا اھو انھن لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي. هن چيو ته جڏهن ادارا نيوٽرل ٿيا ته عمران خان کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ هن ادارن خلاف بدترين سازشون شروع ڪري ڇڏيون، ڇو ته عمران خان کي پنهنجي پسند جو ايمپائر، پنهنجي پسند جي فيلڊ، پنهنجي پسند جو هجوم کپي. هن چيو ته پي ٽي آئي جي دور حڪومت ۾ جنهن به عمران خان جي خلاف بيان ڏنو يا ٽاڪ شو ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي انهن سڀني کي جيلن ۾ وڌو ويو. صوبائي وزير چيو ته اسان جو سموريون جماعتون پنهنجي ادارن سان گڏ بيٺل آهن ۽ پاڪستان جي باشعور عوام عمران خان ۽ ان جي حوارين کي هرگز اجازت نه ڏيندي ته ملڪ جي اهم ادارن ۽ ان جي سربراهن کي نشانو بڻايو وڃي. اسان هڪ هڪ اداري جي حفاظت ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ بني گالا ۽ لاهور مان سسٽم هلايو پئي ويو. هڪ عورت ويچاري لاهور ۾ ويھي سسٽم پئي ھلايو، حڪومت ختم ٿيڻ تي ان کي پرڏيهه فرار ڪرايو ويو. صوبائي وزير مطالبو ڪيو ته ان عورت ويچاري کي سامهون آندو وڃي. هن چيو ته عمران خان جي چهري مان ايمانداري ۽ شرافت جو ماسڪ جلد لهڻ وارو آهي، قوم جي سامهون ان شخص جي اصل حقيقت سامهون اچڻ واري آهي. عمران خان ۽ ان جي ڀيڻ ايمنسٽي اسڪيم مان فائدا کنيا، ان جي ڀيڻ ٽيڪس نه ڏنو، جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته هو سڀ کان وڏا چور آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بجيٽ تي سنڌ اسيمبلي ۾ بحث جاري آهي، بجيٽ تي تنقيد جو موثر ۽ ٺوس جواب ڏنو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ آئي جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کي سختي سان هدايتون ڏنيون آهن ته اين اي 240 جي واقعن ۾ جيڪو به ملوث آهي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، چاهي ان جو واسطو ڪنهن به جماعت سان ڇونه هجي. ملوث ماڻهن خلاف بنا ڪنهن خوف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته اين اي 245 جي ننڍي چونڊ ۽ مڪاني چونڊن ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. هن سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي التجا ڪئي ته هو پنهنجي ڪارڪنن کي ڪنٽرول ۾ رکن. پيپلز بس سروس ۽ اورينج لائن تي هن چيو ته پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس تقريبن تيار آهي، ان جو ٽيسٽ ڊرائيو مائليج پورو ٿيڻ وارو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ شروعات ٿيڻ واري آهي. هاڻي ان ۾ وڌيڪ دير نه ٿيندي. جڏهن ته اورينج لائن جي ٽريڪ تي پڻ بسن جي ٽيسٽ ڊرائيو جي گذريل ڏينهن کان شروعات ٿي وئي آهي. هن چيو ته ان کان علاوه ڪراچي جي عوام لاءِ تمام وڏي خوشخبري آهي، ٻن ڪمپنين سان ايم او يو تي تمام جلد صحيحون ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. عنقريب پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻي رهيا آهيون، جنهن جي تحت سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا مينيو فيڪچرنگ پلانٽ لڳايا ويندا. جنهن سان نه صرف ملڪ جو قيمتي ناڻو بچي سگهندو پر صوبي جي عوام لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدر پاڪستان جو ريمورٽ ڪنٽرول عمران خان وٽ آهي، عمران خان جيڪو بٽڻ دٻائيندو ، صدر مملڪت اهوئي ڪم ڪندو آهي. صدر آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ بدران پي ٽي آئي جي پاليسي لائن تي عمل ڪري رھيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button