اسلام آبادپاڪستان

عمران خلاف ڪيس به هلڻ گهرجي ۽ گرفتار به ٿيڻ گهرجي: گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو زوير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان تي حملي جو ڪو اطلاع ناهي، وڏن ليڊرن سان حادثو ٿئي ته سڄي ملڪ جو نقصان ٿيندو آهي، عمران خان کي اها ئي سيڪيورٽي حاصل آهي، جيڪا وزيراعظم طور کيس هئي. هڪ انٽرويو ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان سياستدان ناهي، قوم کي ورهائڻ چاهي ٿو، عمران خان جو 25 مئي جو پروگرام ڪامياب ٿئي ها ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿي وڃي ها، عمران خان خلاف ڪيس به هلڻ گهرجي ۽ کيس گرفتار به ڪرڻ گهرجي، عمران خان خلاف بغاوت جو ڪيس ڪابينا جي اجازت بنا داخل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته سڀني اتحادي جماعتن جو موقف هو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي پر آئين کان مٿاهين مطالبن تي ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي، فاٽا کي ٻيهر الڳ ڪرڻ ۽ فوج گهرائڻ جي ڳالهه نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي معافي تي غور ڪرڻ معاشري ۽ قوم کي ڊسٽرب ڪندو، جنگبندي ان وقت اثرائتي آهي، جيستائين معاملا طئي هجن، طالبان سان ڳالهه ٻولهه جو معاملو هڪ مهيني ۾ ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button