پاڪستانسنڌ

ٽنڊومحمدخان ۾ شهري جو بجلي بل اميدوار جي نالي سان جوڙي فارم رد

ٽنڊومحمدخان: ٽنڊومحمدخان ۾ واپڊا جو انوکو ڪارنامو، خليل شاھه جي بل کي عوام دوست ڪائونسلر جي اميدوار خليل خاصخيلي کي بقائيدار ڄاڻائي سندس فارم رد ڪرائي ڇڏيو، ٽنڊو محمد خان ۾ عوام دوست ڪائونسلر اميدوار خليل خاصخيلي پريس ڪانفرنس دوران ڄاڻايو آهي ته سندس اميدواري کي بااثر ماڻهن بنا ڪنهن جواز واپڊا جي اختيارين ذريعي خليل شاھه نالي شخص جي بجلي جو 1 لک 98 هزار بجلي جي بل کي منهنجو بل ظاهر ڪري فارم رد ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته بجلي جي ڄاڻايل بل ۾ خليل شاهھ جي گهر جو نمبر ۽ سندس ايڊريس نصيرآباد ڄاڻايل آهي، هن چيو ته رد ڪيل فارم کي بحال ڪيو وڃي ۽ ساڻس ڪيل ناانصافي جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button