پاڪستانسنڌ

دادو ۾ بدامني خلاف مارچ، انڊس ها وي تي ڌرڻُو، باهيون

دادو: ڦلجي اسٽيشن ۾ بدامني ۽ منشيات جي عام وڪري خلاف ڦلجي اسٽيشن جي صحافين ۽ سول سوسائيٽي جو دادو ۾ موندر ناڪو کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري پريس ڪلب بعد ايس ايس پي موڙ انڊس هائي وي تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽي ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي. شاهنواز سومرو، نديم راجپوت، نياز چنو، سهيل سومرو، رانا محفوظ، ڪامريڊ رمضان پنهور، لالا ظهير سومرو، فدا حسين شاهه، عارف جمالي، سارنگ کوسو ۽ ٻين دانهيو ته هڪ مهيني دوران ڦلجي اسٽيشن پريس ڪلب جي صدر سميت 10 شهرين جون موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري ٿيون آهن، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڙو نه ڪيو آهي، روزانو شهري ڦرجي رهيا آهن، پر ڦلجي پوليس ڏوهارين ۽ منشيات فروشن جي ساٿاري بڻجي وئي آهي، ڦلجي ۽ آسپاس جا شهري محفوظ ناهن. هنن چيو ته ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون سان ٽي ڀيرا ملاقات ڪئي آهي پر سکڻا دلاسا ڏنا پيا وڃن. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button