سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين سيد جلال محمود شاهه سنڌ اندر بلدياتي چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ بدنظمي، ہنگامن ، خونريزيءَ سميت مخالف اميدوارن ۽ ووٽرن کي حراسان ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ اندر پهرين مرحلي ۾ جي ٿيندڙ چونڊن کي مڪمل طور رد ڪري ٿي ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي غير جانبدار آر او، ۽ ڊي آر او مقرر ڪري فوج جي نگرانيءَ ۾ چونڊون ڪريون وڃن. سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ اندر پهرين مرحلي ۾ بدترين بلدياتي چونڊون ٿيون آهن، سموري سنڌ اندر پرزائيندگ آفيسرز ۽ پوليس ذريعي چونڊن کي يرغمال بڻايو ويو، هي چونڊون مڪمل طور تي مائڪرو مئنيجڊ هيون. اسان پھريان ئي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي پهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو هو پر اليڪشن ڪميشن اسان جي خدشن کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو. ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف ۽ آزاد مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعا اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهن. سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته سمورن ضلعن اندر ايس يو پي ۽ مخالف اميدوارن کي حراسان ۽ تشدد ڪيو ويو. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڪنڌڪوٽ اندر اليڪشن جي عملي کي ڏوهاري اغوا ڪري کڻي ويا پر پوليس ۽ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل رهي. هن چيو ته ان سموري عمل جي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن تي ٿئي ٿي، سنڌ اندر پيپلز پارٽي جهنگ جو قانون نافظ ڪري ڇڏيو آهي، ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان ان سموري اليڪشن جي پراسيس کي رد ڪيون ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close