سنڌ

ڪراچي ۾ اڄ کان پيپلز بس سروس شروع ٿي ويندي

ڪراچي جي شهرين لاءِ وڏي خوشخبري، چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري اڄ سومر ڏينهن پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس منصوبي جو افتتاح ڪندو. ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي افتتاح جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي افتتاحي تقريب اڄ 12 وڳي ٿيندي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت سنڌ ڪابينا جا وزير افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندا. ماڊل ڪالوني کان ٽاور تائين روٽ ون کان پيپلز بس سروس جي شروعات ٿيندي. پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي جا 7 روٽ بڻايا ويا آهن، جن تي 240 بسون هلايون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button