پاڪستان

اتر وزيرستان ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز هٿان اتر وزيرستان ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 فوجي جوان به شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق 26 جون تي اتر وزيرستان جي علائقي غلام خان ڪيلي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ سيڪيورٽي فورسز اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو. سيڪيورٽي فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا جن وٽان هٿيار ۽ گوليبارود هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرداڻي ڪارروائين ۾ سرگرم رهيا. پاڪ فوج جي ترجمان مطابق فائرنگ جي ڏي وٺ دوران صوبيدار منير حسين ۽ حوالدار بابو خان دليري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button