عالمي

جي-7 ملڪن جو روس کان سون جي درآمد تي پابندي جو فيصلو

برلن: يوڪرين تي حملي جي ڪري عالمي طاقتن روس کان سون درآمد تي پابندي لڳائڻ تي اتفاق ڪري ورتو. عالمي خابرو ادارو موجب جي 7 ملڪن جي سربراهن روس جي مالياتي لائف لائن کي ڪٽڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻدي روس کان سون درآمد ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ياد رهي ته وائٽ هائوس پاران جاري انگن اکرن موجب 2020ع ۾ سون جي سموري برآمد ۾ روس جو حصو لڳ ڀڳ پنج سيڪڙو هو ۽ روس جي پيدوار جو 90 سيڪڙو جي 7 ملڪن کي برآمد ڪيو ويندو آهي. ڏکڻ جرمني ۾ جي 7 ملڪن جي اڳواڻن جي ٿيل ملاقات ۾ روس تي نين پابندين تي غور ڪيو ويو ته جيئن روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي جنگ جي خاتمي تي راضي ڪري سگھجي. هي فيصلو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ صنعتي ملڪن سان تعلق رکندڙ انهن جي هم منصب نيٽو جي ڀائيوارن جي ملاقات اسپين ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button