پاڪستان

آرمي چيف کي سعودي عرب جي اعليٰ اعزاز سان نوازيو ويو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي سعودي عرب جي ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسيلينٽ ڪلاس جي اعزاز سان نوازيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جده ۾ سعودي ولد عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ وارين ڪوششن جي اعتراف تي ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسيلينٽ ڪلاس سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات دوران سعودي دفاع وارو وزير ۽ سعودي چيف آف جنرل اسٽاف به موجود هئا جڏهن ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻطرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل تربيت، فضائي دفاع، دهشتگردي جي خاتمي، مواصلات، انفارميشن ڊومين جي شعبن ۾ دفاعي سهڪار سميت دوستاڻن لاڳاپن ۽ جٽادار اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اسلامي دنيا ۾ سعودي عرب جي مقام جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button