پاڪستانپنجاب

امپائرن کي ملائڻ باوجود اسان انهن کي شڪست ڏينداسين: عمران خان

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي ويراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪي سازش تحت چورن کي مٿان مڙهيو ويو آهي، سمورو عوام انهن ماڻهن خلاف آهي، اهي ماڻهو چونڊون رڳو امپائر کي ملائي کٽي سگهن ٿا، اسان ان باوجود انهن کي شڪست ڏينداسين. لوٽا ضمير وڪڻي پنهنجي تڪ جي عوام جي توهين ڪن ٿا هي پنهنجن تڪن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. لاهور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪمران پرڏيهي سازش ذريعي اسان تي مڙهيا ويا آهن، اسان کي کين شڪست ڏيڻي آهي. هن چيو ته اسان آمريڪا سامهون ۽ نه ئي هنن چورن سامهون جهڪنداسين. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن تي ڪنهن کي اعتبار ناهي رهيو، چونڊون فيصلو ڪنديون ته قوم اليڪشن ڪميشن تي اعتبار ڪري سگهي ٿي يا نه. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته هنن سان گڏ ڪير ڪير آهي، پيسو به هلي رهيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن سان گڏ آهي، اليڪشن ڪميشن کي به پيغام آهي ته پورو پاڪستان انهن 20 تڪن تي ننڍي چونڊ کي ڏسي رهيو آهي، هن مهل تائين اليڪشن ڪميشن ڌر آهي. عمران خان چيو ته هي جيڪي آمريڪا جا نوڪر آهن، آمريڪا جي پوڄا ڪرڻ وارا آهن، ڇا پاڪستاني قوم انهن کي شڪست ڏيندي؟ امپائرن باوجود آمريڪا جي غلامن، ملڪ جي وڏن وڏن ڌاڙيلن کي هارائڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button