پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۽ ڏاهلي ۾ جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف جا ڌرڻا

ڇاڇرو: ڇاڇري ۽ ڏاهلي ۾ نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن ڌرڻا هنيا. اڳواڻن آر اوز خلاف عدالتن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو. ان سلسلي ۾ ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي بلدياتي اليڪشن جا نتيجا نه ملڻ خلاف جي ڊي اي گروپ جي ايم پي اي عبدالرزاق راھمون ۽ تحريڪ انصاف ٿرپارڪر جي صدر دلاور خان مالڪاڻي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ڇاڇرو ۽ ڏاھلي جي آر اوز آفيسن اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج دوران ڪارڪنن نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي عبدالرزاق راهمون ۽ دلاور مالڪاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي قمرهار ون، مٺڙيو چارڻ ون، لپلو ۽ جيسي جو پار سميت 6 يوسيز جي پرزائيڊنگ آفيسرن اسان کي 11 ۽ 12 فارم جاري ڪيا، جن موجب ڄاڻايل يوسيز تي تحريڪ انصاف جا اميدوار ڪامياب ٿيا، پر بعد ۾ آر اوز جي ملي ڀڳت سان حڪومتي ڌر جي اڳواڻن جي بنگلن تي رات جو بيلٽ باڪس کڻي وڃي سيل کولي نتيجا تبديل ڪيا ويا، جنهن جا اسان وٽ وڊيو سميت ٻيا ثبوت موجود آهن. ايم پي اي عبدالرزاق راهمون ميڊيا کي تصوير ڏيکاريندي چيو ته هي هڪ پرزائيڊنگ آفيسر اشفاق سوڍو سرڪاري سيل کولي ڌانڌلي ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي مليل عوامي مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، حڪمران اليڪشن جي نالي سان عوام سان مذاق ڪيو آهي، پ پ جي ڌانڌلين جا ثبوت کڻي ڪورٽ ۾ وينداسين. هنن گهر ڪئي ته اسان کي نتيجا جاري ڪري ڏنا وڃن ۽ ڌانڌلين خلاف اليڪشن ڪميشن نوٽيس کڻي ڪارروائي ڪري. رزاق راهمون اعلان ڪيو ته آر او اميربخش ۽ بين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ويندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button