اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف کان ٻه ارب ڊالر ملندا،اسان جي منزل پاڻ تي ڀاڙڻ آهي:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئي ايم ايف کان ٻه ارب ڊالر ملي ويندا، اسان جي اصل منزل پاڻ تي ڀاڙڻ آهي. سپر ٽيڪس مان گڏ ٿيندڙ پئسو ضايع يا برباد ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ ٽرن آرائونڊ پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته مفتاح اسماعيل مفتاح اسماعيل صبح ميسيج موڪليو ته آءِ ايم ايف کان هڪ نه ٻه ارب ڊالر ملي ويندا، مفتاح اسماعيل کي جواب ۾ مون چيو ته اسان جي منزل خودمختياري آهي. اسان ڏکيائين ۾ ڦاٿل آهيون، ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جن کي ڪا حڪومت تبديل نه ڪري سگهي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته دائري ۾ گهمندا رهنداسين. سندس چوڻ هو ته اسان جي اتحادي حڪومت آهي، فيصلن تي مشاورت جمهوري عمل آهي. بنگلاديش ۾ 6 ارب ڊالر کان وڏو انفرااسٽرڪچر بڻايو ويو، پاڪستان ۾ به ڪنهن شئي جي کوٽ ناهي. هر شعبي جا ايڪسپرٽ آهن، 14 مهينن ۾ معاشي بهتري آڻينداسين پر اهو سياسي استحڪام سان واڳيل آهي. شهباز شريف چيو ته افغانستان مان ڪوئلو جلد اچڻ شروع ٿي ويندو، ريڪوڊڪ ۾ اربين ڊالر جو خزانو دفن آهي پر اسان هڪ ٽڪو ناهي ڪمايو، پاڪستان قرضن جي بار هيٺيان دٻجي چڪو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو مقصد زراعت جي ترقي ۽ برآمدات وڌائڻ آهي، وڏا چيلينجز آهن، اسان سڀ گڏجي ملڪ کي بحران مان ڪڍنداسين. هن چيو ته افغانستان مان ڪوئلو گهرائڻ سان ٻه ارب ڊالر ساليانو بچندا. ملڪ کاڄرو تيل جي بحران کان بچي ويو آهي. اڳوڻي حڪومت جڏهن گئس سستي هئي ته خريد نه ڪئي، هاڻي تيل ۽ گئس جون قيمتون عالمي سطح تي وڌي ويون ۽ گئس اڻلڀ ٿي وئي آهي. معاشي ترقي لاءِ سياسي استحڪام شروري آهي ۽ سياسي استحڪام لاءِ موجود دانشور پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اربين رپين جا قدرتي وسيلا موجود آهن پر اڄ تائين اسان اهي استعمال ناهيون ڪري سگهيا. هن چيو ته حويلي بهادرشاهه 2 ساڍا 12 سئو ميگاواٽ بجلي پيداوار جو جديد منصوبو 2 سال اڳ مڪمل ٿي وڃڻو هو پر اڄ تائين ناهي هلي سگهيو جنهن سبب لکين رپين جو قوم جو نقصان ٿيو. شهبازشريف چيو ته اڳوڻي پي ٽي آئي حڪومت ايل اين جي خريد ڪرڻ جو هڪ به معاهدو نه ڪيو. ٻئي طرف ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ستين ۽ اٺين قسط کي گڏائي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته ستين قسط 90 ڪروڙ ڊالر ۽ اٺين قسط تقريبن هڪ ارب ڊالر جي آهي. پاڪستان پنجون خسارو نٿو سهي سگهي، ملڪ کي ترقي جي دڳ تي آڻڻ لاءِ اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٽيڪس نٿا گڏ ڪري سگهو ٿا ته خودداري جي ڳالهه نه ڪريو. جڏهن اسان آياسين ته پاڪستان کي 4 رڪارڊ بجيٽ خسارن ۾ ڦاٿل هو، پوڻن چئن ورهين ۾ 20 هزار ارب رپيا قرض ورتو ويو. اڄ اسان کي 4 هزار ارب رپيا ڊيٽ سروسنگ ڪرڻي پئجي رهي آهي. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته حالتون اڃا ڏکيون آهن پر اسان بهتري ڏانهن وڃي رهيا آهيون. ملڪ ڏيوالو ٿيڻ واري خطري مان نڪري چڪو آهي. اسان سڄي پاڪستان جي دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون، سپر ٽيڪس ان تي لڳايو آهي جنهن جي آمدني وڌيڪ آهي. هن چيو ته 10 لک ماڻهن کي سستو پيٽرول اسڪيم تي رجسٽرڊ ڪري چڪا آهيون. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته مون وزيراعظم جي پٽن جي فيڪٽرين ۽ پنهنجي فيڪٽرين تي ٽيڪس لڳايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button