پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو لڳ ڳوٺاڻن سان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو لڳ سولر پليٽون چوري ڪرڻ دوران ڳوٺاڻن سان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو. رپورٽ موجب اوٻاوڙو لڳ پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي سولر پليٽون لاھي ورتيون، جيڪي هٿياربند کڻي وڃي رھيا ھئا ته ڳوٺاڻن ھٿياربندن جو پيڇو ڪيو، جنهن دوران رستي ۾ ھٿياربندن سان مبينا مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ بدنام ڏوهاري لکمير عرف لکو شر موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته ھڪ ھٿياربند جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا، مارجي ويل ھٿياربند جا ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. ھوڏانھن فائرنگ جو سلسلو اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهيو، سخت فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ڦهلجي ويو، اطلاع تي ماڇڪو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويل ھٿياربند جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال صادق آباد پھچايو، جتي وارث لاش وصول ڪرڻ نه پھتا. آخري اطلاع تائين لاش لاوارث اسپتال پيل رھيو. ھوڏانھن اطلاع مطابق زخمي ٿيل ھٿياربند کي رات جي اونڌائي ۾ کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button