اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پهرين جولا کان پيٽرول جون قيمتون اڃا وڌنديون:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد : ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پهرين جولاءِ کان تيل جون قيمتون اڃا وڌيڪ وڌنديون. اوگرا جي سمري اچڻ کان پوءِ وزيراعظم حتمي منظوري ڏيندو. سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي حق ۾ نه آهيان، مون کي ناڻي واري وزير جي عهدي تي رکن يا نه رکن وزيراعظم جو اختيار آهي. هو جيڪڏهن ڪم مان مطمئن نه آهي ته وزير تبديل ڪري سگهي ٿو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير بنائڻ جي خبرن جي حوالي سان هن چيو ته مون کي عهدي تي رکڻ يا نه رکڻ وزيراعطم جو اختيار آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ايئن ٿيندو رهندو آهي، وزيراعظم ته مون سان گڏجي ايندڙ ڪيترن ڏينهن جا پلان رٿي رهيو آهي پر مستقبل بابت ڪنهن کي ڪو پتو ناهي هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته اسحاق ڊار حڪومت جي معاشي ٽيم جو حصو آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي انٽرويوز ۾ به هو پينل ۾ شامل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button