پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو لڳ عورت کي مڙس ۽ پهاڄ مبينا زهر ڏئي ماري ڇڏيو

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو لڳ عورت کي مڙس ۽ پھاج گڏجي مبينا زھر پياري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب اوٻاوڙو لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪران دشتي ۾ ناري شاهين دشتي کي سندس مڙس انور ۽ سندس پهاج نواب خاتون مبينا زهر پياري ڇڏيو، جنهن بعد ناري شاهين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي شاهين فوت ٿي وئي. شاهين فوت ٿيڻ کان اڳ اسپتال ۾ وڊيو بيان ڏيندي چيو ته منهنجي پهاج نواب خاتون ۽ مڙس انور مون کي زهر پياريو آهي. هوڏانهن ناري جي ڀا خليل دشتي چيو ته منهنجي ڀيڻ کي مڙس انور گهرواري نواب خاتون سان گڏجي زبردستي زهر ڏئي قتل ڪيو آهي، اسان ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ٿا ڪريون ته منھنجي ڀيڻ جي خون سان انصاف ڪري ظالمن کي سخت سزا ڏني وڃي. هوڏانهن کنڀڙا پوليس ڪارروائي ڪندي شاهين جي مڙس انور ۽ پهاڄ کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن شاهين جو لاش پوسٽ ڪرائڻ لا تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو ويو، جتي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو، بعد ۾ مڙهه ماٿيلو اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button