پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر لڳ ڊئم لا کوٽيل کڏ ۾ 5 مينهون ٻڏي مري ويون

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ سانڪڙ ۾ 2018ع ۾ اين ڪي بي ڪمپني طرفان ٺاھيل سمال ڊئم جي تعميراتي ڪم لا کوٽيل 30 فوٽ اونهي کڏ ۾ ڳوٺاڻن جون 5 مينهون ڪري ٻڏي مري ويون. ان ڏس ۾ ڳوٺ سيڙهيون جي رهواسي ڳوٺاڻن عليم خاصخيلي، احمد خاصخيلي ۽ سليمان خاصخيلي دانهيندي ٻڌايو ته ڳوٺ سانڪڙ ۾ اين ڪي بي ڪنسٽرڪشن ڪمپني طرفان 2018ع ۾ سمال ڊئم جي تعميراتي ڪم لاء پاڻي جو 30 فوٽ اونهو کڏو کوٽيو، جنهن ۾ پاڻي کارو هجڻ سبب اسان جون 5 مينهون ٻڏي مري ويون آهن، کڏ پورائڻ لا اسان درخواستون ڏنيون، پر ان تي عمل نه ٿيو آهي، اسان مينهن جو کير وڪرو ڪري گهر جو گذر سفر ڪندا هئاسين. هنن ڊي سي ٿرپارڪر ۽ اي سي ننگرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته کڏ ڀري ٿيل نقصان جو ازالو ڪري ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button