اسلام آبادپاڪستان

حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي،اپوزيشن ۾ وڃڻ ۾ وقت نه لڳندو:ايم ڪيو ايم

اسلام آباد:ايم ڪيو ايم حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ايم ڪيو ايم جي ميمبرن قومي اسيمبلي ۾ چيو آهي ته حڪومتي بئنچن کان مخالف بئنچن ڏانهن وڃڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ خيالن اظهار ڪندي ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي صابر قائم خاني چيو ته بجيٽ ۾ اسان جي علائقن جي منصوبن کي ڪا به ترجيح نه ڏني وئي آهي. جيڪڏهن اسان جي ڳالهه نه مڃي وئي ته اسان اهڙين وزارتن تي ” ٿُڪ ” به نه هڻنداسين. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز جي صدار هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر صلاح الدين چيو ته ايم ڪيو ايم هاڻوڪي حڪومت لاءِ وڏي سياسي قيمت ادا ڪئي آهي. اسان کي حڪومتي بئنچن کان ٻئي پاسي وڃڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو. ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي مميبرن احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. هنن چيو ته حڪومت ۾ هڪ شخص آهي، جيڪو اسان جي منصوبن کي بجيٽ ۾ شامل ٿيڻ نه پيو ڏئي. جنهن بعد وفاقي وزير مرتضي جاويد عباسي ايم ڪيو ايم ميمبرن سان ڳالهيون ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button