اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ اي پي پي ملازمن جو احتجاج،مريم اورنگزيب پهچي وئي

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رات دير سان قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي شاهراهه دستور تي احتجاجي مظاهري ۾ پهتي. ملازمن جا مطالبا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، جنهن کان پوءِ مظاهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. مريم اورنگزيب اڱارو ۽ اربع جي رات شاهرا دستور تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ملاقات لاءِ پهتي. ايم ڊي اي پي پي اختر منير پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آئي او) مبشر حسن به ان سان گڏ هئا. وفاقي وزير ٻڌي جي اظهار طور مظاهرين سان گڏ رستي تي ويهي رهي. هن چيو ته صحافين سان سندس تعلق سياسي يا حڪومتي نمائندي طور نه آهي، مان اي پي پي جي ملازمن جي مسئلي کان باخبر آهيان پر هي مسئلو صرف اي پي پي جو نه آهي. هن چيو ته سڄو ڏينهن سڌسماءَ واري وزارت جا اعليٰ عملدار ناڻي واري وزارت سان رابطي ۾ رهيا آهن. ڊسپيرٽي الائونس ۽ ريگيولر پي اسڪيلز سمورين ڪارپوريشنز جو مسئلو آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي چيو آهي ته هن مسئلي جو جلد حل ڪڍن. ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا هن معاملي جو جائزو وٺندي. هن اي پي پي امپلائيز يونين جي نمائندي کي چيو ته اهي به ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. مريم اورنگزيب يقين ڏياريو ته اي پي پي ملازمن جي ترقين لاءِ (ڊي پي سي) ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button