اسلام آبادپاڪستان

حمزه شهباز جي قسمت جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز کي پنجاب جي وڏ وزارت تان هٽائڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوط ڪري ورتو جيڪو اڄ خميس ڏينهن منجهند ساڍي 12 وڳي ٻڌايو ويندو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حمزه شهباز کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ درخواستن جي شنوائي شروع ٿي ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شهزاد شوڪت ۽ حمزه شهباز جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. راجا بشارت، سبطين خان سميت ٻيا به عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صداقت علي خان جي سربراهي ۾ لارجر بئنچ درخواستن جي شنوائي ڪئي جنهن ۾ جسٽس شاهد ضمير خان، جسٽس شهرام سروس چوڌري، جسٽس ساجد محمود سيٺي ۽ جسٽس طارق سليم شامل آهن. شنوائي کان پوءِ عدالت حمزه شهباز کي وڏ وزارت تان هٽائڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو اڄ منجهند ساڍي 12 وڳي ٻڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button