
سنڌڙي: ڦلھڏيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ والو خان شر ۾ عورت رخسانه زال درمحمد گھرو پريشانين کان تنگ ٿي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي. سندس ما ۽ ڀا سھري ۽ سندس ڀائرن احمد ۽ ٻين تي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻايو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ميرپورخاص موڪليو. ڇوڪري جي پيءَ بخش شر ٻڌايو ته منھنجي ڇوڪري پاڻ زھر پيتو آھي. ٻئي پاسي رخسانه جي ما سھجان ۽ ڀا اصغر علي ٻڌايو ته جوابدار احمد شر، لياقت شر، علي حسن شر ۽ عثمان شر اسان جي ڀيڻ کي مھڻا ڏيندا ھئا ۽ مختلف طريقن سان رخسانه کي تنگ ڪندا ھئا، ان ڪري هن انتھائي قدم کنيو، اسان کي خبر نه ٿي پئي ته کيس ماريو ويو آھي يا پاڻ زھر پيتو آھي.