چمبڙ: چمبڙ ۾ پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي نااهلي سبب ٻن هفتن کان شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويا. ان حوالي سان شهرين چيو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي نااهلي سبب واٽر سپلائي جا تلا سڪي رهيا آهن، جنهن سبب شهرين کي ٻن هفتن کان پاڻي فراهم نه ٿي سگهيو آهي، شهري پاڻي ڦڙي لا پريشان آهن، پاڻي کوٽ خلاف ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن، پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close