اسلام آبادپاڪستان

عمران جو لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ جي حمزا شهباز بابت ڏنل فيصلي تي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نيوٽرلز کي ٻڌائي ڇڏيو ته ملڪ غير مستحڪم ٿيو ته هي ماڻهو سنڀالي نه سگهندا. هڪ سال کان خبر هئي منهنجي حڪومت جي خلاف ڪجهه ٿي رهيو آهي. ڌمڪي وارو خط پاڪستان جي توهين آهي. صحيح معنيٰ ۾ جاچ ٿي ته ملڪ جو فائدو ٿيندو. ضمني اليڪشن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي، اسان جن اميدوارن کي اڻڄاتل نمبر تان فون ڪري ٽڪيٽ نه وٺڻ لاءِ چيو پيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان ان لاءِ ٺهيو هو ته مسلمانن کي آزادي ملندي، ان لاءِ نه ٺهيو هو ته هڪ غلامي مان نڪري ٻي غلامي ۾ هليا وڃن. هن چيو ته مديني جي رياست دنيا جي تاريخ ۾ وڏي انقلاب جو نالو آهي، مديني جي رياست ۾ قانون جي حڪمراني هئي. نبي پاڪ صلعم فرمايو ته منهنجي ڌيءَ به چوري ڪندي ته سزا ملندي. هن چيو ته جهالت واري دور ۾ به ننڍن چورن کي سزا ملندي هئي ۽ وڏن چورن کي اين آر او ملي ويندو هو. هن چيو ته قائداعظم ان وقت سمجهي ورتو هو ته ڀارت مودي جو ملڪ بڻجي ويندو، اسان رحمت اللعالمين اٿارٽي ٺاهي ته جيئن اسان جي ٻچڙن کي پاڪستان ٺهڻ جو سبب معلوم ٿي سگهي. هن چيو ته هر سال 1700 ارب ڊالر غريب ملڪن مان چوري ٿي ٻاهر هليا وڃن ٿا. جڏهن ته غريب ملڪن جو 7 هزار ارب ڊالر پئسو ٻاهر آف شور ڪمپني ۾ پيو آهي. هن چيو ته اين آر او سان قوم تباهه ٿي وڃي ٿي، بورس جانسن جي خلاف عدم اعتماد قانون ٽوڙڻ تي آندو ويو. بورس جانسن تي الزام هو ته ڪرونا دوران هن هڪ اجماعت ڪيو هو. هن چيو ته مان سائفر کي ٽي ڀيرا پڙهيو هو. جڏهن پهريون ڀيرو سائفر پڙهيو ته مون سوچيو ته ڇا هي سچ آهي. آمريڪا چيو ته عمران خان کي فارغ نه ڪيو ته سخت نتيجا نڪرندا. خط جڏهن پهريون ڀيرو پڙهيو ته مسلسل پڙهيو ته هي ڪنهن آزاد ملڪ کي ڪوئي ڪيئن چئي سگهي ٿو. مان تعجب ۾ هيس ته آمريڪي اسان کي هٽائڻ جو حڪم ڪنهن کي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته آمريڪي خط کان پوءِ لوٽن کي مهانگائي ياد اچي وئي. سائفر ۾ چيو ويو ته عدم اعتماد ۾ عمران خان کي فارغ نه ڪيو ته سخت نتيجا نڪرندا. ڪڏهن به ڪنهن خوددار ملڪ ۾ اهڙو سائفر نٿو اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button