سنڌ

جروار ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

جروار جي مختلف واهن ۽ شاخن مسو واھه، چاڪر مائينر، لنڊ مائينر، ميرپور مائينر، شير علي مائينر ۽ ٻين ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آباگارن قبول گبول، ممتاز علي، غلام قادر، عمران بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماٿيلو چوڪ کان جروار پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڄاڻائي اسان غريب آبادگارن جو فصل تباھه ڪيو پيو وڃي، جن شاخن ۽ واھن تي بااثرن جون زمينون آھن، انهن جا پاڻي بند ناهن ڪيا ويا، صرف اسان جي واهن ۽ شاخن تي وارابندي جو سبب ڄاڻائي پاڻي بند ڪيو ويو آھي، پاڻي بند هجڻ ڪري ڪپھه جي فصل سان گڏ سارين جو فصل به سڪي سڙي رهيو آھي، ٻن ڏينهن جي اندر پاڻي نه پهتو ته فصل مڪمل طور سڙي رک ٿي ويندو. هنن گهر ڪئي ته فورن واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڇڏي فصل بچايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button