سنڌ

کهڙا ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

کهڙا ويجهو پنجون نمبر لاکا مائينر شاخ تي پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن شاخ تي ريڊر وٽ ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، آبادگارن سعيد ناريجو، امان الله ناريجو، حيات لاکو، ايوب ناريجو، استاد سليمان سولنگي، غوث بخش بهليم، فدا حسين ميتلو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته بااثر زميندار غيرقانوني نوليون هڻي پاڻي چوري ڪن ٿا، جنهن سبب پڇڙي ۾ پاڻي نه ٿو پهچي ۽ اسان جا فصل پاڻي نه ملڻ سبب سڙي ۽ سڪي رهيا آهن، آبپاشي عملو پاڻي چورن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن گهر ڪئي ته غيرقانوني نوليون ختم ڪرائي پاڻي چوري روڪي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button