عالمي

لينڊ سلائيڊنگ سبب ڀارتي فوجي ڪيمپ تباهه، 8 ڄڻا فوت، 50 گم

نئين دهلي: ڀارتي رياست مني پور ۾ لينڊ سلائيڊنگ دوران مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب 8 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا جڏهن ته 50 کان لاپتا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب مني پور ۾ امڦال جريبام ريلوي پراجيڪٽ تي اڏاوتي ڪم دوران مٽي جي وڏي ڇِپ ڪرڻ سبب پروجيڪٽ جي حفاظت لاءِ قائم ڪيل فوجي چيڪ پوسٽ لينڊ سلائيڊنگ ۾ تباهه ٿي وئي. مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ اهلڪار دٻجي ويا، ريسڪيو ادارن امدادي ڪمن دوران 8 ڄڻن جا لاش ڪڍي ورتا آهن آهن جن ۾ هڪ ريلوي ملازم ۽ 7 اهلڪار شامل آهن، ريسڪيو ٽيم موجب لاپتا ماڻهن جي ڳولا وارو ڪم جاري آهي، خراب موسم هئڻ سبب امداد ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ڀارتي بچاءُ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب ريلوي پراجيڪيٽ جي حفاظت تي مقرر فوجي رضاڪارن تي ٻڌل ٽريٽوريل آرمي جي ٽيم هئي، جيڪي رضاڪار سولين هوندا آهن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندا آهن جڏهن ته رضاڪاراڻي نموني فوج ۾ ڀرتي ٿيندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button