سنڌ

مورو ۾ گهر مان چوري ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

مورو شهر جي اوڏ ڪالوني جي رهواسين مسمات صغرہ ۽ سندس نابين مڙس محمد بخش زرداري جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. هنن ٻڌايو ته اسان جي گهر مان سونا زيور، روڪ رقم، چيڪ بڪ چوري ٿي ويا هئا، اسان چورن جو پتو لڳائي ٿاڻي تي وياسين پر مورو پوليس ھن وقت تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناہي ڪيو، جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته جوابدار معشوق، سڪيلڌو ڪنڌاري زرداري ۽ ٻين کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button