سنڌ

پ پ اميدوار ڌانڌلي ڪري مونکي هارايو آهي:قربان کهاوڙ

تعلقي وارهه جي ٽائون ڪميٽي گاجي کهاوڙ جي وارڊ نمبر 2 تي جنرل ڪائونسل جي آزاد اميدوار سرائي قربان کهاوڙ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي طرفان گاجي کهاوڙ جي وارڊ نمبر 2 تي نامزد ڪيل جنرل ڪائوسل جي اميدوار سيد ارشاد الله شاھه اليڪشن ڏينهن ڌانڌلي ڪري مونکي 34 ووٽن تان شڪست ڏياري آهي، جڏهن ته پرزائيڊنگ آفيسر شمس الدين مڱڻهار پولنگ تي وڃي 70 کان وڌيڪ ووٽ پيپر تي مخالف اميدوار سيد ارشاد الله شاهه جي نشان تي ٺپا لڳايا، اهڙي شڪايت اسان آر او سان ڪئي، مخالف ڌر جي ماڻهن جهيڙو ڪرائي وارڊ نمبر 2 جي پولنگ کي تالا لڳرائي ووٽنگ جو عمل بند ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته گاجي کهاوڙ جي وارڊ نمبر 2 ۾ سڀ کان وڌيڪ اسان جا ووٽ آهن پر سنڌ حڪومت جي سموري مشينري انهن جي اميدوارن جي سپورٽ ۾ رڌل هئي. مخالف اميدوار سيد ارشاد الله شاهھ جي ماڻهن مئل ماڻهن جا ووٽ به ڪاسٽ ڪيا، جن جي ٿمس جي ويريفڪيشن لاءِ اسان درخواستون ڏيڻ چاهيون پر اسان جون درخواستون وٺڻ لاءِ ڪو لاڳاپيل عملدار تيار ئي ناهي، جنهن مان ثابت ٿيو ته اسان سان ڌانڌلي ڪئي وئي آهي. هن چيف اليڪشن ڪميشن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي گاجي کهاوڙ جي وارڊ نمبر 2 تي ري اليڪشن ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button