سنڌ

لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ مبينا غفلت سبب ڳورهاري عورت فوت، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب ڳورهاري عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته فوتي عورت جي وارثن انصاف لاءِ اسپتال اندر احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي محمد وارث شيخ پنهنجي ڄاٽي حنيف شيخ ۽ ٻين سان گڏجي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن شام جو منهنجي ڳورهاري نياڻي زينب کي سندس مڙس حنيف شيخ ڊليوري لاءِ شيخ زيد وومين اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي ڊاڪٽرياڻين نياڻي جي جسم ۾ رت گهٽ هجڻ جو جواز ڄاڻائي اسان کان 9 ٿيلهيون رت جون ورتيون پر تنهن باوجود سڄي رات نياڻي جي ڊليوري نه ڪئي وئي ۽ هو صبح جو تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ڪوس گهر بڻجي چڪي آهي، جتي ماڻهو پنهنجي نياڻين، زالن ۽ مائن کي زندهھ کڻي ايندا آهن، پر اسپتال جو عملو انهن کي واپس پنهنجي پيارن جا لاش موٽائي ڏيندو آهي.آخر ڪيسيتائين اسان شهر واسين هنن ظالم ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي جون زيادتيون برداشت ڪندا رهنداسين. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي شيخ زيد وومين اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button