سنڌ

رتيديري ۾ پاڻي کوٽ، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو

رتوديرو ۾ سوشل ورڪرن پاڻي کوٽ، مهانگائي ۽ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي همت جلباڻي، مولوي محمد حسن، اڪبر طاهري، ڪمانڊو جلباڻي، علي حيدر ڀٽو، ساجد جروار، زوار غضنفر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ ڪري لکين ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي. آبادگار ۽ هاري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو غريب ماڻهو هڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن. هنن چيو ته مهانگائي سبب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن پر حڪمران طبقو عياشين ۾ پورو آهي بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي جنهن ڪري ڪيترائي پورهيت بيروزگار بڻجي ويا آهن، 24 ڪلاڪن ۾ رڳو 6 ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي کوٽ ۽ مهانگائي ختم ڪري غريب ماڻهن کي رليف ڏيئي بجلي جي هٿرادو ٿيندڙ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button