اسلام آباد: نيب ترميمي آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آھي.
درخواست ۾ وفاقي حڪومت، نيب چيئرمين ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته رٽائرڊ ججز جي ٻيهر مقرري آزاد عدليه خلاف آهي، عدالت وفاقي حڪومت جو 8 آڪٽوبر وارو نيب آرڊيننس ڪالعدم قرار ڏئي.
درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي مختلف فيصلن جو به حوالو ڏنو ويو.