سنڌ

خاڻوٺ ۾ بند اسڪول کولرائڻ لا علامتي جنازو کڻي احتجاج

خاڻوٺ جو پرائمري بوائز اسڪول استاد مقرر نه ٿيڻ سبب گذريل هڪ سال کان بند پيل آهي، جنهن خلاف خاڻوٺ نوجوان اتحاد جي سڏ تي صوبائي وزير تعليم جو علامتي جنازو ڪڍي شهر جو گشت ڪري شھرين نوجوان پوڙھن ٻارڙن جنازي کي ڪانڌي ٿي سخت نعري بازي ڪئي وئي ۽ شھر جي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي گذريل ٽن سالن کان بند پيل پرائمري اسڪول جي مک دروازي اڳيان ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي اڳواڻن نورمحمد شاهه عزيزالله ونڊيار، ڪريم بخش گوپانگ، شھمير گوپانگ ڳالھائيندي چيو ته ٽن سالن کان يوسي خاڻوٺ جا ست اسڪول استاد نھ ھجڻ جي ڪري بند پيل آھن، جنھن جي ڪري سوين شاگرد تعليم جھڙي زيور کان محروم آھن، اسڪول بند ھجڻ جي ڪري شاگرد وڊيو گيمن سان گڏ منشيات پڻ واپرائڻ لڳا آهن. ھنن وڏي وزير مراد علي شاهه، سيد سردار علي شاهه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چتا ڏنو ته 15 ڏينھن ۾ سمورا اسڪول کوليا نه ويا ته ڌرڻو هڻي انڊس ها وي بند ڪري ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button