اسلام آباد

وزيراعظم کي اهم اداري جي معاملن ۾ مداخلت جو اختيار ناهي: فضل الرحمان

اسلام آباد: جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم کي اهم اداري جي معاملن ۾ مداخلت جو اختيار ناهي، عمران خان ذاتي ضد خاطر سڄو ملڪ جام ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ هر گهڙي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي، پريشان آهيون ته ڪٿي پاڪستان جو نقصان نه ٿئي، موجوده حڪومت دشمن کان وڌيڪ هن اداري کي نقصان پهچايو آهي، جيڪڏهن سڀ آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ته مسئلا حل ٿي ويندا.

فضل الرحمان چيو ته ليفٽيننٽ جنرل آرمي چيف جي حڪم جو پابند آهي، وزيراعظم هڪ غلط شيءِ تي بيوقوفاڻي انداز ۾ ضد ڪيو آهي. وزيراعظم کي اهم اداري جي معاملن ۾ مداخلت جو اختيار ناهي.

پي ٽي آ ءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي هُن چيو ته ملڪ تي مڙهيل ماڻهن کان قوم کي آزاد ڪرائڻ چاهيون ٿا، موجوده حڪمران پاڪستان کي ترقي نه پر ٻوڙڻ لاءِ آيا آهن. حڪمرانن کي ملڪ کي معاشي طور تي برباد ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button