اسلام آباد

اسلام آباد ۾ پهرين ٽرانس جينڊر پروٽيڪشن سينٽر جو افتتاح

اسلام آباد: وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين ٽرانس جينڊر پروٽيڪشن سينٽر جو افتتاح تقريب ۾ خطاب ڪندي ڊاڪٽر شيرين مزاري ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ ٽرانس جينٽر پروٽيڪشن سينٽر قائم ڪيا ويندا ته جيئن پاڪستان جي کدڙن فقيرن واري برادري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ۽ سندن حقن کي محفوط ڪري سگهجي.

هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته کدڙن فقيرن واري برادري کي اهو ئي روزگار ۽ صحت جا حق فراهم ڪيا وڃن. جيئن پاڪستان جي ٻين شهرين کي ڏنا وڃن ٿا.

هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پي ٽي آئي حڪومت کدڙن فقيرن کي احساس پروگرام ۽ هيلٿ ڪارڊ جي قدمن ۾ شامل ڪيو، جنهن جو مقصد کين ترقي جا موقعا ڏيڻ آهي.

هن اهو به ٻڌايو ته ٽرانس جينڊر پروٽيسن سينٽر قانوني امداد، صحت جون بنيادي سهولتون، نفسياتي مشاورت ۽ عارضي پناهه گاهه به فراهم ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button