اسلام آباد

اهم مقرريون به جادو ٽوڻي سان ٿي رهيون آهن: مريم نواز

اسلام آباد: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي ته ملڪي سلامتي سان واڳيل اهم مقرريون به جادو ٽوڻي سان ٿين ٿيون، وزيراعظم بدران جن مقرريون ڪندا ته ملڪ جو تماشو ئي ٿيڻو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عمران خان، نواز شريف ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري، شينهن جِي کل پائڻ سان ڪو شينهن ناهي ٿيندو، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته عمران خان جو آئيني اختيارن ۽ جمهوري اصولن سان ڪوبه واسطو ناهي، هو آئيني ۽ چونڊيل وزيراعظم نه آهي.

هن چيو ته سچ کي هڪ ڏينهن ضرور سامهون اچڻو آهي، آئين جيڪو اختيار هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڏيندو آهي، ان تي ڪي ٻه رايا ناهين پر عمران خان آئيني وزيراعظم نه آهي، هن نواز شريف جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي.

هن چيو ته جيڪو شخص جادو ٽوڻي ۽ جهاڙ ڦوڪ سان حڪومتي معاملا هلائيندو آهي ۽ ملڪ جون اهم مقرريون، جنهن جو واسطو پاڪستان جي سلامتي سان سڌي ريت آهي، جادو ٽوڻي سان ڪندو هجي، وزيراعظم جي جاءِ تي اهم مقرريون جن ڪندا هوندا، سندس ٽائمنگ اهي طئي ڪندا هجن ته اهڙين حالتن ۾ دنيا آڏو تماشو ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي.

مريم نواز نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته آئون سمجهان ٿي ته جن عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڇو نٿا ٿين ۽ رڳو اهم مقررين جي وقت ئي ڇو ٿا ظاهر ٿين، جنتر منتر ۽ جنن ذريعي اٽو، کنڊ ۽ ٻيون شيون سستيون ڇو نٿيون ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button