پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 9 مريض فوت، 431 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 9 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7514 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 12888 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 431 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 9 مريض فوت ٿيا آهن ۽ فوتين جو تعداد 7514 تائين پهچي ويو آهي، جيڪا 1 ڏهائي 6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي.

مراد علي شاهه چيو ته 12888 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 431 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪا 3 ڏهائي 3 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button