سنڌ

پيپلز پارٽي ۾ وڃي ساک خراب نه ڪنداسين:مرتضى جتوئي/مسرور جتوئي

اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضى خان جتوئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مسرور احمد خان جتوئي چيو آھي ته اسان وٽ نيشنل پيپلز پارٽي جو مضبوط پليٽ فارم آھي، اسان پيپلز پارٽي ۾ وڃي ساک خراب نه ڪنداسين. سنڌ جي موجودہ عوامي سياست ناھي رھي، اھا صرف پنھنجا نواز پاليسي تحت ھلي رھي آھي. سنڌ ۾ بيروزگاري وڌي رھي آھي. نوجوان وزيرن ۽ مشيرن جي درن تي ڀٽڪي رھيا آھن، ميرٽ جي لتاڙ ٿي رھي آھي. نوڪريون وڪرو ٿي رھيون آھن. هنن اھڙن خيالن جو اظھار علي بخش ڪلھوڙو ۽ محمد ياسين ڍلو پاران ڏنل آجياڻي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. ھنن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي. عوام سجاڳ ٿيڻ سان گڏ کين سڃاڻي ويو آھي، جنھن حڪومت ۾ عوام جو ووٽ ۽ عزت مجروح ٿئي. مايوسي کانسواءِ ڪجھه بہ نه ملي. صحت جي سھولت نه ھجي. اسڪول وٿاڻ ھجن. ٿاڻا ذاتي جاگير بڻيل ھجن. ادارا ڪرپشن جا ڳڙهه بڻجن، جتي عوام انصاف لاءِ ٻاڏائيندو ھجي، اتي عوامي انقلاب جي ضرورت آھي. هنن چيو ته اسان ھر ڏکي دور ۾ عوام جي طاقت سان اليڪشنون کٽيون آھن. ايندڙ اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button