سنڌ

ڪنڊيارو ۾ فيض محمد سهتو لا ڪاليج بوگس قرار،بلڊنگ سيل

ڪنڊيارو جي سينيئر سول جج 2 محمد سليم ٻٽ جي عدالت ڪنڊيارو واسي عبدالحفيظ سھتو جي پٽيشن تي شهر ۾ قائم فيض محمد سهتو لا ڪاليج خلاف ڪيس ۾ وڪيلن محمد نواز پنجوٿو ۽ آصف جمال سومرو جا دليل ٻڌڻ کانپو ڪاليج کي بوگس قرار ڏئي ۽ بلڊنگ کي قبضي جي پلاٽ تي غير قانوني تعمير ڄاڻائي سيل ڪرائي ڇڏيو. عدالتي حڪم تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي نوابشاهه جي ريجنل ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر پوليس اٽالن سان گڏجي ڪاليج جي عمارت سيل ڪري ڇڏي ۽ غير قانوني طريقي سان لا ڪاليج کي ھلائيندڙ الطاف سھتو ۽ ھاشم اڄڻ جي شاپنگ سينٽر کي پڻ سيل ڪري ڇڏيو. پٽيشنر موقف اختيار ڪيو ھو ته فيض محمد سھتو لا ڪاليج نه رڳو بوگس آهي پر ان جي بلڊنگ به قبضي جي پلاٽ تي تعمير آھي. ڪجھه بااثر ماڻهو ان کي غير قانوني طريقي سان ھلائي لکين روپين جون فيون اوڳاڙي رھيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button