پاڪستانسنڌ

ڏهرڪي ڀاڻ فيڪٽري ۾ پورهيتن جي هڙتال،مک گيٽ آڏو ڌرڻو

ڏھرڪي اينگرو ڀاڻ فيڪٽري انتظاميه خلاف سوين پورهيتن ڪالهه 5 ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڪمپني جي مک گيٽ آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران مڇريل پورهتين انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان دوران ايس ايڇ او ڏهرڪي اطهر چنا پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري احتجاج ڪندڙ پورهيتن کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ چيو پر پورهيتن مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پورهيت اڳواڻن رانجهن سميجو، عبدالفتاح ملڪ ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان باوجود اينگرو ڀاڻ فيڪٽري انتظاميه 18 هزار پگهار ڏئي رهي آهي، جنهن جي زيادتين خلاف اسان 5 ڏينهن کان ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪمپني انتظاميه جي ڪن تي جون به نٿي چري. هنن چيو ته احتجاج ختم نه ڪرڻ تان ايس ايڇ او ڌمڪيون ڏئي رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button