سنڌ

سکر ۾ ڊائريڪٽر سيڪنڊري ۽ پرائمري اسڪول جي پوسٽ خالي پيل

ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن سيڪنڊري ۽ پرائمري سکر جي پوسٽ 6 مهينن کان خالي هجڻ ڪري تعليم کاتي جي سوين رٽائرڊ ملازمن جا ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ رٽائرڊ ملازم ايمپلائيز يونين خيرپور جي صدر فقير شفيع محمد سولنگي، اسدالله ميمڻ، سائين بخش ڪورائي، فرزند علي سولنگي، شيراز علي سولنگي، مير قمبر علي خان ٽالپر ۽ ٻين اخبار وارن کي ٻڌايو آهي ته سکر ڊويزن جي ٻن ڊائريڪٽرن جون پوسٽون 6 مهينن کان خالي آهن، جنهنڪري رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جا سوين ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، اسان جا ٻچا فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن اپيل ڪئي ته سکر ڊويزن جي خالي پيل ڊائريڪٽر سيڪنڊري ۽ ڊائريڪٽر پرائمري جي پوسٽن تي ايماندار آفيسر مقرر ڪري رٽائرڊ ملازمن ۽ حاضر ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button