سنڌ

لطيف يونيورسٽي جي شاگردن جي تذليل،ويڊيو وائرل،4 پوليس اهلڪار معطل

شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي زولاجي شعبي جي آخري سال ۾ پڙهندڙ سونارو جتوئي ۽ ٻين شاگرد جي پوليس اهلڪارن پاران تذليل ڪرڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال نوٽيس وٺي پوليس اهلڪارن محمد سومر منگي، فرزند علي مڪول، سينگار علي رند ۽ امان الله مهيسر کي معطل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڊي ايس پي سٽي عبدالله لاکير کي جاچ آفيسر مقرر ڪري 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هوڏانهن لطيف يونيورسٽي جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ خيرپور جي شهرين ۽ ساڃاهه وندن چيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا ۽ خيرپور پوليس شاگردن جا دشمن ٿي ويا آهن. ڪالهه شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي مين گيٽ تي سيڪيورٽي گارڊن سان گڏ بيٺل پوليس اھلڪارن شاگردن جي تذليل ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته شاگرد دشمن وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار کي هٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button