سنڌ

نواب شاهه ڀرسان ذهني مريض پٽ ما کي قتل ڪري ڇڏيو

نوابشاهه ڀرسان ذهني مريض پٽ ماءُ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪري ڇڏيو. خبر موجب نوابشاهه ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير شاهه ۾ ذهني مريض پٽ 25 سالن جي راشد خاصخيلي پنھنجي ماءُ 45 سالن جي حسينه خاصخيلي کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنھن کانپو گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، وارث لاش پي ايم يو اسپتال نوابشاهه آندو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي بعد پوليس جوابدار کي ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او تعلقي ٿاڻو چيو ته جوابدار راشد خاصخيلي جو ذھني توازن صحيح ناھي، راشد خاصخيلي پنھنجي ماءُ کي تعويذ وٺي ڏيڻ جو چيو ته هن انڪار ڪيو، جنهن تان جوابدار پنهنجي ما ڪھاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button