سنڌ

اک وسيلي ڪمند جي پوکي،گهٽ خرچ گهٽ وقت جو استعمال

سنڌ ۾ زراعت کي ھٿي وٺرائڻ لا مختلف فصلن جون نيون جنسون پوکڻ سميت پوکي جي جديد طريقن کي متعارف ڪرائڻ لا مشهور زميندار عاقب جتوئي پاڪستان زراعت تحقيقاتي ڪائونسل برانج ٺٽو جي تعاون سان سونھري فارم ھائوس تي سيمينار ڪوٺايو، جنھن ۾ زرعي ماھر، آبادگار اڳواڻ ۽ ننڍا وڏا آبادگارن، ھاري توڙي زراعت کاتي جا آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي زميندار عاقب خان جتوئي چيو ته اسان جو ملڪ ڪمند جي پوکي ۾ دنيا ۾ پنجين نمبر تي آھي پر بدقسمتي سان اپت ۾ 15 نمبر تي آھي. ھن چيو ته اک وسيلي ڪمند جي پوکي ۾ گھٽ خرچ ۽ گھٽ وقت استعمال ٿئي ٿو، پي اي آر سي جي ڊائريڪٽر جنرل عطا الله خان چيو ته ھن طريقي جي پوکي سان آبادگار جو خرچ تمام گھٽجي ٿو ۽ فصل جي سڙڻ ۽ زيان ٿيڻ جو به انديشو ناھي. ھن چيو ته عام رواجي طريقي سان جتي ھڪ ايڪڙ جي پوکي ۾ 100 مڻ ٻج جو استعمال ٿئي ٿو، جديد طريقي سان فقط 15 مڻ في ايڪڙ تي ٻج جو استعمال ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button