پاڪستانسنڌ

حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هڪ قيدي جي خودڪشي، ٻيو بيماري وگهي فوت

حيدرآباد: حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيدي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. ساڳئي جيل ۾ ٻيو سزا يافته قيدي بيماري وگهي فوت ٿي ويو آهي، خبر موجب حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ حيدرآباد جي لياقت ڪالوني جي رهواسي ڪچي قيدي محمد علي ميمڻ جيل اندر پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، جوابدار ما تي تشدد ڪرڻ جي ڪيس ۾ جيل ۾ قيد هو، خودڪشي بعد قيدي جو لاش حيدرآباد سول اسپتال آندو ويو، قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ جنم ٽيپ ڪاٽيندڙ قيدي محمد بخش جمالي بيماري دوران فوت ٿي ويو. قانوني ڪارروائي بعد وارث لاش کڻائي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button