پاڪستانسنڌ

جاتي لڳ ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 مهاڻا گرفتار، 15 گم

جاتي: ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز ڪالهه صبح آپريشن ڪري جاتي لڳ سامونڊي پٽي جي سرڪريڪ ايريا جي حرامي ڍوري مان مڇي جو شڪار ڪندڙ 4 پاڪستاني مهاڻن کي 10 ننڍين ٻيڙين سميت گرفتار ڪري ورتو، باقي ٻيڙين ۾ سوار 15 کان وڌيڪ مهاڻا لاپتا آھن، جڏھن ته گرفتار ٿيلن ۾ گلشير پٽ دائود ملاح، قادر پٽ اسماعيل رچو، موسى پٽ ميرو رچو ۽ گلابي پٽ اسماعيل رچو شامل آھن. مهاڻن جو تعلق جاتي جي ساحلي پٽي واري ڳوٺ طالب رچو سان آھي، اھڙي واقعي جي تصديق ڪندي فشر فوڪ فورم ضلعي سجاول جي اڳواڻ نور محمد ٿھيمور پريس بيان ۾ چيو آھي ته ڀارتي بارڊر فورس سامونڊي علائقي سير ڪريڪ جي ايريا ويجھو جاتي جي 10 ٻيڙين ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙ مهاڻن خلاف آپريشن ڪيو، جنھن دوران جاتي جي ڳوٺ طالب رچو واسي 4 مهاڻن کي 10 ننڍين ٻيڙين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.

جڏھن ته 15 کان وڌيڪ مهاڻا اڃا تائين لاپتا آھن، ھن وڌيڪ چيو ته فشر فوڪ فورم پاڪستان مهاڻن جي گرفتاري جي مذمت ڪري ٿي. ھن ڀارتي فورسز هٿان گرفتار ڪيل مسڪين مهاڻا مڇي جو شڪار ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪن ٿا، انهن جي گرفتاري ۽ ٻيڙين کي ضبط ڪرڻ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن مهاڻن کي فوري طور انساني همدري تحت خيرسگالي جي طور آزاد ڪيو وڃي. هنن چئن مهاڻن جي گرفتاري سان ڀارت ۾ قيد سجاول ضلعي جي مهاڻن جو تعداد وڌي 53 ٿي ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button