پاڪستانسنڌ

مٽياري ۾ نوجوان اتحاد جي اڳواڻن جي ڊي اي سان اتحاد ختم ڪري ڇڏيو

مٽياري: بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ مٽياري ۾ نوجوان اتحاد جي اڳواڻن ڪامران شيخ، حماد مقبول صبحپوٽو ۽ فرحاد مقبول صبحپوٽو پي پي اڳواڻن حاجي محفوظ جماڻي، سيد نور محمد شاھه ۽ فيضان علي خاصخيلي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ڪجھه شرطن تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سان اليڪشن اتحاد ڪيو ھو پر جي ڊي اي اسان سان طئه ڪيل شرط پورا نه ڪيا آھن، ان ڪري نوجوان اتحاد جي ڊي اي سان اتحاد ختم ڪري پيپلزپارٽي سان گڏ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آھي. پيپلزپارٽي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اسان نوجوان اتحاد جي غير مشروط مدد ڪري رھيا آھيون. ھنن نوجوانن سان جي ڊي اي دوکو ڪيو آهي پر ھاڻي اسان ھنن جي مدد ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button