پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاھه ڀرسان روھڙي ڪئنال کي روڻيون، گهارو پوڻ جو امڪان

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه ڀرسان روھڙي ڪئنال کي روڻيون پئٔجي ويون آھن، جنھن ڪري سوين ايڪڙ فصل تباھه ٿيڻ ۽ گھارو پوڻ جا امڪان وڌي ويا آھن، ڀٽ شاھه ڀرسان ڳوٺ الياس پرھياڙ ڀرسان روھڙي ڪئنال جا ڪپر ڪمزور ٿيڻ بعد روڻيون پوڻ ڪري پاڻي وھڻ شروع ٿي ويو آھي ۽ رھواسين پاران محمد ايوب، امام بخش، چنيسر، گلزار، علي اڪبر پرھياڙ ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن جو چوڻ هو ته پنھنجي مدد پاڻ تحت روڻيون بند ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آھن، جڏھن تـ آبپاسي عملو غائب آھي، هنن مطالبو ڪيو ته آبپاشي کاتي جي نااھلي سبب روھڙي ڪئنال جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آھن ۽ وڏو گھارو پئجي سگھي ٿو، آبپاشي عملو اطلاع باوجود نه پھتو آھي. جيڪڏھن گھارو پيو ته سوين ايڪڙ فصل ۽ اسان جا ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويندا. انتظاميه فوري طور تي نوٽيس وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button